حيدر ڪرار رضي الله عنه

حـيـدر ڪـرار رضي الله عنه (ڪتاب): هيءُ ڪتاب حضرت علـي ڪرم الله وجهه جن جي زندگي مبارڪ تي لکيل آهي، مشهور تاريخ نويس ۽ عالم سيد ابوالحسن علي نرويءَ جو عربيءَ ۾ ڪيل آهي. ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو عبدالرزاق سومري ڪيو آهي سلوڻي سنڌيءَ ۾ نهايت ئي جاذبيت ڪيو آهي. ڪتاب ڪل ڏهن بابن تي مشتمل آهي. پڪي جلد سان چار رنگي ٽائيٽل ۾ ڇپيل هيءُ ڪتاب 423 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن جا 3 جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. ڪتاب جو هيءُ ٽيون ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پاران 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيل آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو